اسور: چون ٿا تہ هن ساز جو نالو يهودين جي لفظ Eser بمعني ڏھہ تان ورتل آهي. موسيقي جي هن تاريخي ڪٽنب جي ساز ۾ ڏھہ تارون ٿينديون هيون. چيو وڃي ٿو تہ هن ساز جو ذڪر بائيبل ۾ بہ ڪيل آهي. پر ماهر ان ڳالھہ تي متفق ڪو نہ آهن. پهرين ۾ Asor سان گڏ Kinnor ۽ Nebel بہ لکيل آهن، ٻئي ۾ Nebel ۽ Asor سان هر ڀيري Nebel لفظ استعمال ٿيا آهن. ڏسجي ٿو تہ Asor سان هر ڀيري Nebel گڏ اچي ٿو. ان ڪري خيال ڪيو ٿو وڃي تہ نيبل نالي ٻيو ڪو ڏهن تارن وارو ساز هو.
لفظ Kinnor جي آوازي صورت سنڌ جي مشھور (ڀٽائي جي رسالي جي سر سورٺ ۾ بيان ڪيل لفظ ڪينرو بطور ساز“، ’ڪينر‘ يا ’ڪينري‘ جهڙي آهي. ممڪن آهي تہ انهيءَ ساز جي بائيبل ۾ سازن جي حوالي استعمال ٿيل لفظ Kinnor سان ڪو لاڳاپو هجي.