اسيموري

اسيموري: هي ننڍين ڇوڪرين جو لوڪ- ناچ آهي. هن ۾ ٻہ ڇوڪريون هڪٻئي سان هٿ ملائي ٻانھون ڊگهيون ڪري گول ڦيرا پائينديون آهن ۽ هيٺيون لوڪ گيت بہ ڳائيندون آهن:
”اَيـسـي ڏي مـور ڏي، لال ڪـٽـوري ڏي،
بـابــل کـي ڌن ڏي، گهــرڙي ۾ اَن ڏي،
پيــنگهي ۾ ڀـاءُ ڏي، ڏولـيءَ ۾ ڀاڄائي ڏي“
هي ٽپڙيءَ جو شروعاتي دؤر آهي. هي اصل ۾ سنڌ جا لوڪ ناچ آهن. ورهاڱي بعد سنڌي هندن جي هندستان وڃڻ کان پوءِ، ڪن سنڌي بستين ۾ پهريان ٽي لوڪ ناچ ”ڇيڄ، جهمر، ٽپڙو“ اڃا سوڌو موجود آهن. بھراڻي ڪڍڻ وقت خاص طور ڇيڄ ناچ ڪيو ويندو آهي. شادين ۾ ڄڃ جي اڳيان بہ اهو ناچ ٿيندو هلندو آهي جهمر ناچ هر سنڌي گهر ۾ خوشيءَ جي موقعي تي ٿيندو رهندو آهي. باقي ٽپڙو هوليءَ جي ڏينهن ۾ ئي ڪيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو