اشتياق انصاري
اشتياق انصاري: مشھور ليکڪ ۽ آثار قديمه جو ماهر اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس سان گڏ مھراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ٽرافي کيڏيو ۽ قومي ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان ائٿليٽڪ ڪئمپ جوائن ڪيائين. انجنيئر اشتياق بعد ۾ ڪئمبرج ۽ بريڊ فورڊ يونيورسٽي انگلينڊ مان انجنيئرنگ جا ڪورس ڪيا. روشن خيالي سبب شاگرد سياست ۾ حصو وٺندي يونيورسٽي اسٽوڊنٽ يونين اليڪشن وڙهيو. ڪيترا دفعا جيل ياترا ڪئي. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مھم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي پھريائين ”اسڪائي ليڪس ايڪپيڊيشن“ ڪئي. اسڪائي ليڪس اهو يوناني مانجهي هو، جيڪو سڀ کان پھريائين اترين جابلو علائقن کان ٻيڙين ذريعي سمنڊ تائين پھتو هو. ان بعد سنڌوءَ تي ٻي مھم ”انڊس ايڪپيڊيشن“ 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مھمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪئي. ان کانسواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. خاص طور تي کيرٿر هل اسٽيشن جي قيام لاءِ جابلو چوٽين، ڪتي جي قبر، ڏاڙهيارو، ڏمريو، ڪچرڪ، گورک جو تفصيلي معائنو ڪري، سنڌ حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي. قديم آثارن سان دلچسپي ڪري هن اٽلي جي روم، ويٽيڪان، فلورنس، پمپائي، پوستم جي کنڊرن جي معائني کانسواءِ انگلنڊ، ترڪي، ايران، سريلنڪا، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، يوگوسلوويا، بلغاريه، هنگري، پولينڊ، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي ميوزم ۽ قديم آثارن جا مطالعاتي دورا ڪيا ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ مقالا پڙهيا. هن سفرناما ۽ ڪھاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ 2 جلد (تحقيق)، ”خيما کاهوڙين“(سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اُوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انصاري فن ۽ شخصيت'>انيس انصاري فن ۽ شخصيت“، ”ڌرتي ماتا“(تحقيق)، ”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون)، ”گورک“ (تحقيق)، ”گورک“ (انگريزي)، ”قيد ڪھاڻي“ (جيل ڊائري)، ”دُکم“ (ڪھاڻيون) ۽ ”جِتِ نه پکِيءَ پيرُ...“ (آتم ڪٿا) شامل آهن. انجنيئر اشتياق انصاري واپڊا مان اهم عھدي تان رٽائر ٿيڻ بعد هن وقت انڊرومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۾ قديم آثارن جي بحاليءَ جي ماهر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت تائين رَني ڪوٽ، شاهه بھارو جو مقبرو، گوبندرام درٻار، ٺل ڪاٺ ٻانڀڻ، سھاڳڻ ڏهاڳڻ جا مقبرا، دولھه دريا خان بيٺڪ، سبزواري مقبرا، مير الھيار خان جا مقبرا، مير الھيار برج، ميرن جا مقبرا حيدرآباد، آدم مري جو مقبرو، ڊگهه بالا جو قبرستان، صاحب محل، پير سرهندي مقبرو مٽياري، پرمانند ميوارام جي قبر وغيره جي بحالي جي نگهباني ڪري چڪو آهي. هن وقت حسين آباد حيدرآباد ۾ پنھنجي جيون ساٿي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار شبنم گل سان رهائش پذير آهي.
1952.01.30 عيسوي
اشتياق انصاري جو جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو