اشرف بلوچ

اشرف بلوچ

اشرف بلوچ

اشرف بلوچ: اداڪار، اسٽيج آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر اشرف بلوچ حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ سچل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهيو. 1984ع ڌاري ڪاليج ۾ هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ حصو ورتائين. فيروز الدين ’احساس‘، بلاول پرديسي، بشير احمد سندس استاد هئا. ريڊيو تي پروڊيوسر انور بلوچ سندس آواز جو امتحان وٺي کيس سنڌي ڊراما آرٽسٽن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو. سندس پهريون ڊرامو ’واچوڙن جي واٽ‘ آهي. پاڻ ڊراما آرٽسٽ سان گڏوگڏ تمام سٺو انائونسر ۽ ڪمپيئر پڻ آهي. ڪجهہ گيت بہ ڳايا اٿس. ڪجهہ سنڌي فلمن جي ڊبنگ بہ ڪئي اٿس. ’اوهان جي فرمائش‘، ’صبح مهراڻ‘ ۽ ’يادون وسرنديون ڪو نہ‘ جهڙن ريڊيو پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪري چڪو آهي. ريڊيو خيرپور جي پهرئين سنڌي ڊرامي ۾ حصو وٺڻ جو شرف بہ کيس حاصل آهي. خيرپور ريڊيو تان جھانگير قريشيءَ جي پيش ڪيل امر جليل جي ڊرامي ۾ پڻ ڀرپور نموني ڪردار نڀايائين. ريڊيو کان علاوہ ٽي، ويءَ جي ڪجهہ ڊرامن ۾ حصو ورتو اٿس ۽ خيرپور، حيدرآباد، پني عاقل ۽ نواب شاھہ ۾ ڪيترا اسٽيج ناٽڪ ڪري چڪو آهي.


لفظ اشرف بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو