اشرف شاهه ڪامارائي جي مزار

اشرف شاهه ڪامارائي جي مزار

اشرف شاھہ ڪامارائي

اشرف شاھہ ڪامارائي: پير محمد اشرف ڪاماري وارو سال 1214ھہ/1799ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. هيءُ شيخ بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هو. سندس ڏاڏو مخدوم شيخ محمد اشرف، سنڌ ۾ اچي رهيو. ننڍي هوندي کان ئي پير محمد اشرف جو فقيري ۽ شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو هو. سندس چيل مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون رسالي جي صورت ۾ موجود آهن. پير اشرف شاھہ قريشي، بعد ۾ بُڪيرن مان لڏي اچي ڪاماري شريف ۾ رهيو. پير صاحب ٻارهين مهيني مُلتان ويندو هو، سفر دؤران جتان جتان بہ سندس گذر ٿيندو هو، اُتان سندس هزارين معتقد ۽ مُريد آجيان ڪندا هئا. رياست بھاولپور جو نواب، صادق محمد خان عباسي (اول) سندس وڏو معتقد هو. سندس فرزند شيخ محمد غوث کي ڳوٺ ”راڄي خاناڻيءَ“ ۾ ڪن شرير، ماڻهن ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏيو. انهيءَ واقعي جو مٿس گهڻو اثر پيو، پر جڏهن قاتل سندس پيرن تي اچي ڪريا، تہ کين معاف ڪري ڇڏيائين. پنھنجي پُٽ جي وفات کان پوءِ، پاڻ گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. آخر 14 ربيع الاول 1277ھہ/ جولاءِ 1860ع ڌاري ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مزار تي عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1799.00.00  عيسوي

پير محمد اشرف شاهه ڪاماري وارو سال 1799ع ڌاري ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو


1860.07.00  عيسوي

اشرف شاهه ڪامارائي جولاءِ 1860ع ڌاري ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيگم عبدالله هارون
درازي سخي قبول محمد ٽيون
قاضي احمدي
بخاري جمال الدين
سيد صالح محمد شاھہ 2
غلام نبي عبداللطيف
شير بخشو
اسڪندر مرزا
جي اي رحيم
جان محمد عرف جهورو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون