اشرف علي سمون

اشرف علي سمون: ليکڪ ۽ محقق اشرف علي ولد حاجي عباس سمون، 5 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ’پيلوڙي سما‘ تعلقي اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڏيپلي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول جهڏي مان 1987ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان ۽ گريجوئيشن ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان ڪئي. اشرف علي سمي اٺين ڪلاس کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ”ٿر هڪ تشريحي ببليو گرافي“ (2004ع)، (2) ”تاريخ سنڌ“ (مولانا عبدالحليم شرر: ترجمو: 2007ع) ۽ (3) ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ (ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي ڪتاب جو ترجمو) شامل آهن. سندس ذاتي لائبرري ”شھيد مخدوم بلاول سمون لائبرريءَ“ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ڪتاب رکيل آهن، جن ۾: مولانا ابو الڪلام آزاد جا ۽ ان بابت هڪ سؤ پنجاھہ ڪتاب، سندس مشھور هفتيوار اخبار ”الھلال“ ۽ ”البلاغ“ جا مڪمل فائيل موجود آهن. ان کان علاوہ مرزا غالب ۽ علامہ اقبال بابت وڏو علمي ذخيرو ۽ سنڌ جي تاريخ بابت انگريزي ۽ فارسي جا اصل ماخذ ۽ ترجما، عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي لغتون وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ’مهراڻ‘ جا 1955ع کان 2020ع تائين تقريباً سڀئي شمارا، ’نئين زندگي‘ ۽ ’پيغام‘ رسالي جا فائيل بہ هن لائبريري ۾ محققن جي مدد لاءِ موجود آهن. اشرف سمون ڪجهہ عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهيو. هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.05  عيسوي

اشرف علي سمون: ليکڪ ۽ محقق اشرف علي ولد حاجي عباس سمون ، 5 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ’ پيلوڙي سما ‘ تعلقي مٺي ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راول شھزادو
شيرين عظيم
غـلام مـحـمـد لاکـو، ڊاڪـٽر
حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو
پوراني ميرڪ سيد محمد
محمد سليمان ٻنوي مولانا
عبدالرحمان جسڪاڻي ڊاڪٽر
پير شيخ جيئو
دليپ ڪمار
تلوڪ تلسياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون