اشرف منصور دائودپوٽو

اشرف منصور دائودپوٽو: محمد اشرف دائودپوٽو تعلقي سيوهڻ جي تاريخي شھر ٽلٽيءَ ۾ 5 اپريل 1932 تي ڄائو. شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس سوٽاڻي سوٽ ٿئي. پرائمري ۽ انگريزيءَ جا چار درجا ٽلٽيءَ ۾ پڙهي علامہ دائودپوٽي جي صلاح تي پنجون درجو انگريزيءَ جو نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ اتان وڃي 1948ع ۾ سندس مدرسي ڪراچي پڙهڻ لاءِ ويٺو. علامہ صاحب جيتوڻيڪ سندس مالي مدد ڪرڻ چاهي پر مسڪينيءَ ايترو مجبور ڪيس جو تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي اچي پرائمري ماستر ٿيو. 1949ع ۾ فائينل ڏنائين. 56-1955 ۾ مٺياڻي ڪاليج مان ٽريننگ ورتائين. 1971ع ۾ بي ايڊ، 1973ع ۾ ايم اي پاس ڪيائين ۽ 1979ع ۾ ايم فل ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان هو ”دادو ضلعي جا غزل گو شاعر“. علامہ دائودپوٽي جي صحبت ۾ رهندي شاعري ۽ ادب جو چشڪو لڳس، اڳ ۾ بہ سندس خاندان ۾ يعقوب فقير، نظام فقير ۽ بچل فقير وقت جا سٺا شاعر ٿي گذريا هئا. ان لاءِ شاعري ڄڻ سندس ورثو هئي. ابتدا ۾ ڪافيون، ڪلام، بيت، ڏوهيڙا ۽ سه حرفيون لکيائين. 56-1955 ع کان حافظ احسن چنا کان اصلاح ورتائين. 1969ع ۾ احمد مجتبيٰ، غالب ملڪاڻي سجادہ نشين درگاھہ ملڪاڻي شريف کان اصلاح ورتائين. 1971ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”دارو رسن“ ڇپيو. 1973ع ۾ ”مشيڪ ختن“، 1985ع ۾ ”نوادر الڪرامات“ حضرت ملڪاڻي جي ڪرامتن تي ڪتاب ڇپايائين. ان کان سواءِ بہ ڪيترو ڪلام اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي. پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽلٽي جو هيڊ ماستر ٿي رٽائر ٿيو. هن وقت ٽلٽي ۾ رهي ٿو، سندس پٽ ڊاڪٽر اڪرم دائودپوٽو بہ شاعري ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.04.05  عيسوي

اشرف منصور دائودپوٽو: محمد اشرف دائودپوٽو تعلقي سيوهڻ جي تاريخي شهر ٽلٽيءَ ۾ 5 اپريل 1932 تي ڄائو . شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو سندس سوٽاڻي سوٽ ٿئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاضي عبدالوهاب خاطي
حميره علواڻي
پير شاھہ مراد
بنگل چانڊيو
صديقي نذير احمد پروفيسر
شوڪت حسين شاھہ بابو شاھہ
ايس جي ڀاڳيا
جوڻيجو محمد خان
ڏنگر فقير ننگر فقير
اعتبار علي جاگيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون