اشفاق آذر

اشفاق آذر

اشفاق آذر

اشفاق آذر: ليکڪ، شاعر ۽ صحافي اشفاق آذر جو اصل نالو اشفاق احمد انڙ آهي. هي شڪارپور ۾ عبدالحڪيم انڙ جي گهر 2 مئي 1972ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس (ماس ڪميونيڪيشن) جي ڊگري حاصل ڪري صحافت شروع ڪئي. سندس مضمون ۽ ڪالم سنڌي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هي ليکڪ ۽ صحافي هجڻ سان گڏ بھترين شاعر بہ آهي. هن شاعريءَ ۾، غزل، نظم، وائي، گيت، ٽيڙو، چوسٽا، ترائيل ۽ سانيٽ وغيرہ جهڙين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سب ايڊيٽر طور پڻ ڪم ڪيو. هن وقت ٽائيم نيوز ٽي وي تي نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرس جو ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ” عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي“ 2019ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن تي کيس اڪيڊمي آف ليٽرز پاران انعام مليو. اشفاق آذر هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي


لفظ اشفاق آذرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.05.02  عيسوي

ليکڪ، شاعر ۽ صحافي اشفاق آذر جو اصل نالو اشفاق احمد انڙ آهي. هي شڪارپور ۾ عبدالحڪيم انڙ جي گهر 2 مئي 1972ع تي ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
عبدالغفور سيتائي
سرفراز وسطڙو
عبدالله ميمڻ
زلف پيرزادو
اي بي راجپوت
اظهار سومرو
غلام احمد نظامي
خالد کوکر
سيد غلام رسول شاھہ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون