اشفاق حسين

اشفاق حسين

اشفاق حسين

اشفاق حسين: محقق٬ شاعر ۽ اديب اشفاق حسين زيدي پھرين جنوري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ڪورنگي ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪئي. 1980ع ڌاري ڪئناڊا هليو ويو. جتي هن 1982ع کان 1987ع تائين ’اردو انٽرنيشنل‘ نالي سان رسالو شايع ڪيو. هن کي ادبي حلقن ۾ فيض احمد فيض جي زندگيءَ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان اهم حوالو تصور ڪيو ويندو آهي. فيض احمد فيض تي لکيل سندس ڪتابن ۾: ’فیض ایک جائزہ‘، ’شیشوں کا مسیحا فیض‘، ’فیض:تنقید کی میزان پر‘، ’مطالعہ فیض‘(1994ع)، ’فیض: حبیب عنبردست‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوہ سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾: ’ہم اجنبی ہیں‘ (2005ع)، ’آشیاں گم کردہ‘ (2009ع)، ’تھوڑی سی فضا اور سہی‘ (2013ع)، ’گردش میں ہیں سات آسمان‘ (2017ع) ۽ ٻيا شامل آهن. علمي ادبي خدمتن عيوض کيس تمغه حسن ڪارڪردگي (2010ع) اوارڊ ملي چڪو آهي


لفظ اشفاق حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.01  عيسوي

محقق٬ شاعر ۽ اديب اشفاق حسين زيدي پھرين جنوري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرائي محمد صالح خان
جاني خان گبول
رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو
رائيٽ ڀائر
گلشير راهو
بچو بادشاھہ
امداد حسين
راجا نند
الستي عبدالغفور
شفالي واسديو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون