اشفاق لغاري

اشفاق لغاري

اشفاق لغاري

اشفاق لغاري: صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ اديب اشفاق لغاري 7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ محمد الياس لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ٽنڊي الهيار مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪ سنگهار مان، انٽر ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان ۽ ايم اي (ماس ڪميونيڪيشن) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان 2008ع ۾ حاصل ڪئي. هن ادب ۾ ڪھاڻيون ۽ خاڪا لکڻ سان شروعات ڪئي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ واري دؤر کان روزاني ’هلچل‘، روزاني ’عبرت‘ ۽ روزاني ’ڪاوش‘ ۾ سب ايديٽر جي حيثيت سان 8 سالن تائين ڪم ڪيو. ’سنڌ‘ ٽي وي نيوز جي ڪرنٽ افيئر شعبي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. ان کانسواءِ مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ سان گڏ اردو ’هم سب‘ ڊاٽ ڪام ۾ فيچر ۽ ’لوڪ سجاڳ‘ ڊاٽ ڪام لاءِ بلاگ ۽ تحقيقي فيچر لکندو رهيو آهي. 2010ع کان مھراڻ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ پبليڪيشن جي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ اشفاق لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.07.07  عيسوي

صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ اديب اشفاق لغاري 7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ محمد الياس لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن سندر چانڊيو
عبدالرشيد گبول
رمضان دلدار چڍڙ
ناصر بلوچ
آنند کيماڻي
رحمت ﷲ ماڃوٺي
عبداللطيف مھر
لياقت جوڻيجو
ڄيٺو لالواڻي
احسانه ڊار
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون