
جنرل اشفاق پرويز ڪياني
اشفاق پرويز ڪياني جنرل: جنرل اشفاق پرويز ڪياني، اپريل 1952ع ۾ گوجر خان تعلقي ويجهو راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس پاڪستان آرميءَ ۾ 29 آگسٽ 1971ع تي ڪميشن ملي. هن بلوچ رجمينٽ، 12 اينفينٽري ڊويزن مري، ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن ۾ ڪور ڪمانڊر راولپنڊيءَ طور پڻ ڪم ڪيو. هو ڊائريڪٽر جنرل آءِ.ايس.آءِ ۽ وائيس چيف آف آرمي اسٽاف بہ رهيو ۽ 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ وٽس ڪمانڊ بہ رهي. کيس هلال امتياز (ملٽري)، هلال امتياز (سويلين) ۽ نشانِ امتياز (ملٽري) جا ميڊل مليل آهن. جنرل اشفاق ڪياني شھيد بينظير ڀٽو جي پهرئين دور ۾ سندس ڊپٽي ملٽري سيڪريٽري طور ڪم ڪيو. کيس 2003ع ۾ ترقي ڏئي ليفٽيننٽ جنرل بڻائي کيس راولپنڊيءَ جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
جنرل اشفاق ڪياني، 29 نومبر 2007ع تي، جنرل مشرف جي جاءِ تي، چيف آف آرمي اسٽاف بڻيو. جيئن تہ هو ڏيهي ۽ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ کان لنوائيندو رهيو آهي، تنهنڪري ”ماٺيڻي ماڻهوءَ“ طور ڄاتو ويندو آهي. جڳ مشھور مخزن ”ٽائيمس“، سال 2008ع ۾ ”اڳواڻن ۽ انقلابين“ جي فهرست ۾ کيس ويهين نمبر تي رکيو جڏهن تہ سال 2009ع ۾ کيس ساڳي فهرست ۾ 17 نمبر تي رکيو ويو. ”نيوز ويڪ“ مخزن کيس دنيا جي انهن پهرين 50 ماڻهن جي فهرست ۾ رکيو، جيڪي ”گلوبل اِليٽ“ (عالمي فضيلت وارا) ليکيا ويا. ”نيو اسٽيٽسمن“ کيس انهن پنجاھہ ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي باحيثيت آهن. جنوري 2008ع م جنرل اشفاق ڪياني ملٽري آفيسرن کي آرڊر ڪيو تہ هو سياستدانن سان رابطو نہ ڪن. 13 فيبروري 2008ع تي هن سڀني سرڪاري سِول کاتن مان فوجين جي واپسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت هن جنرل مشرف دور جي پراڻين پاليسين جي مخالفت ڪئي. 7 مارچ 2008ع تي هن اعلان ڪيو تہ پاڪستان جي هٿياربند فوج، چونڊيل حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ فوج کي سياست کان پري رکيو ويندو. هن پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ اترين علائقن ۾ ٿيندڙ آپريشن ۾ پڻ بھترين حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو آهي.
1952.04.00 عيسوي
اشفاق پرويز ڪياني جنرل: جنرل اشفاق پرويز ڪياني ، اپريل 1952ع ۾ گوجر خان تعلقي ويجھو راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو .
1971.08.29 عيسوي
اشفاق پرويز ڪياني جنرل: جنرل اشفاق پرويز ڪياني ، اپريل 1952ع ۾ گوجر خان تعلقي ويجھو راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو . کيس پاڪستان آرميءَ ۾ 29 آگسٽ 1971ع تي ڪميشن ملي .
1971.00.00 عيسوي
1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ وٽس ڪمانڊ به رهي
2007.11.29 عيسوي
جنرل اشفاق ڪياني ، 29 نومبر 2007ع تي ، جنرل مشرف جي جاءِ تي ، چيف آف آرمي اسٽاف بڻيو .
2008.03.07 عيسوي
. 13 فيبروري 2008ع تي هن سڀني سرڪاري سِول کاتن مان فوجين جي واپسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت هن جنرل مشرف دور جي پراڻين پاليسين جي مخالفت ڪئي . 7 مارچ 2008ع تي هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ، چونڊيل حڪومت جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ فوج کي سياست کان پري رکيو ويندو .