اصحابيءَ جي قبر: اسلام جي شروعات ۽ خود حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي زندگيءَ ۾ سنڌ ڏانهن تبليغي جماعتن جو اچڻ تاريخي طور ثابت ٿي چڪو آهي. سنڌ جي تاريخ تي هڪ فارسي قلمي نسخي ”گنجينہ جھان نُما“ مان اِها حقيقت هن طرح معلوم ٿئي ٿي تہ ”هجرت جي اٺين سال (630 عيسوي) نبي سڳوري، پنج اصحابي اسلام جي تبليغ واسطي سنڌ ڏانهن موڪليا، جن جو اڳواڻ ابو رافع هو. ابو رافع جنهن حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) ۾ وفات ڪئي، سندس مزار حيدرآباد ۾ قلعي جي ڀرسان شاهي دروازي وٽ هڪ زيارتگاھہ آهي. پنجن ئي اصحابين ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ رفتي رفتي وفات ڪئي، تنهنڪري سڀني کي هڪڙي ئي هنڌ هڪ ٻئي جي پيرانديءَ سيرانديءَ دفن ڪيائون، جيڪا هڪ ڊگهي قبر جي شڪل ۾ اڄ بہ موجود آهي. هيءَ اصل ۾ ”اصحابين جي قبر“ آهي، جيڪا پوءِ ”اصحابيءَ جي قبر“ سڏجڻ لڳي. ان وقت حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) جي شھر مان ڪن ماڻهن ڳجهيءَ طرح اسلام قبول ڪيو، انهيءَ واقعي جو تقابلي ثبوت آرنولڊ جي تيار ڪيل ”اسلام جي اشاعت جي نقشي“ ۾ ملي ٿو، جنهن مطابق سنہ 628 عيسوي (سن 6 هجري) ۾ ايران ۽ چين ڏانهن موڪليل تبليغي جماعتن سان گڏ هندستان/ سنڌ ۾ پڻ اسلام جي دعوت ڏني هئي.