اصحابي واري سير (اصحابو محمد علي گبربند): هي گبربند قبل از تاريخ جو آهي ۽ ديھہ ڏيسوئي، تعلقہ ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄام شوري ۾اتر ويڪرائي ڦاڪ ″25◦18′52 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ″67◦54′26 تي موجود آھي. ھي سرڪاري اڻ سروي زمين ديھہ ڏيسوئي، ھڪ ڪلوميٽر چوھڙ لڪ کان اتر ۾ آھي. ھي گبر بند آھي. جيڪو آڳاٽن لوڪن پاڻي جي جهل لاءِ ٺاھيو ھو. ھي گبر بند ٧٤ ميٽر ڊگهو ھو، جنھن مان ٣٧ فوٽ ڊھي پيو آھي، جنھن جو بنياد ١٠ ميٽر ۽ مٿين ٽاپ ٦٠. ٢ ميٽر آهي. اوچائيءَ ۾ ساڍا ست ميٽر آھي. ھن وقت استعمال ھيٺ ڪونه آھي.