اصحاب ڪھف

اصحاب ڪھف: يعني ”غار وارا اصحاب“، جن دقيانوس بادشاھہ جي ظلم کان تنگ ٿي پنھنجي عقيدي جي حفاظت خاطر هڪڙيءَ غار ۾ پناھہ ورتي هئي. مشھور جاگرافيدان يعقوب ابن عبدالله حمويءَ (1179_ 1229ع) پنھنجي ڪتاب ”مجمع البلدان“ ۾ لکي ٿو تہ اصحاب ڪھف واري غار، روم جي هڪڙي شھر ”البس“ ۾ هئي. اُهي تعداد ۾ ست ڄڻا هئا، جيڪي انهيءَ غار ۾ صدين تائين سُتا پيا هئا (قرآن حڪيم ۾ آهي تہ انهن غار ۾ ٽي سؤ نَوَ سال آرام ڪيائون) انهن سان گڏ هڪڙو ڪتو بہ هو، جنهن کي ’قطمير‘ سڏيندا هئا.


لفظ اصحاب ڪھفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو