اَصطَخرِي: مشھور مسلمان جاگرافيدان، جيڪو ڏهينءَ صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ جو عالم هو، اصطخري يعني ’پرسي پوليس‘ (ايران) ۾ ڄائو، تنهنڪري ”اصطخري“ سڏجي ٿو. هن شھر شھر گهمي مختلف هنڌن جا حالات گڏ ڪيا. جاگرافيءَ جي گهڻن ڪتابن مان بہ معلومات گڏ ڪيائين. سن 934ع ۾ پنهنجو ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ جي نالي سان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جو بہ ذڪر آهي. هن 957ع ۾ وفات ڪئي.