اصغر سنڌي
اصغر سنڌي: نامياري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد آچر ’مجاهد‘ عباسي آهي. سندس جنم 05 آگسٽ 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، سندس والد پڻ پنهنجي دور جو هڪ ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي. اصغر سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1980ع کان . هن نثر ۾ گهڻو لکيو آهي، سنڌ ڌرتي ۽ قوم پرستي سندس تخليق جا اهم موضوع آهن. هن وقت تائين سندس چار ڪتاب 1. ’سنڌ جو سياسي سرطان‘، ’توکان هڪڙي ڳالهه پڇان‘، ’سنڌ نامو‘ ۽ ’قومي تحريڪ جو منشور‘ پڌرا ٿي چڪا آهن. اصغر سنڌيءَ ڪجهه شاعري پڻ ڪئي، نوجوان شاعر عادل عباسي سندس ڀاءُ، نوجوان ليکڪ راجا ڏاهر عباسي ۽ نوجوان صحافي سرمد عباسي سندس فرزند آهن. اصغر سنڌي پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي ۽ اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.