اصغر شر

اصغر شر

اصغر شر

اصغر شر: ليکڪ ۽ شاعر اصغر شر جو اصل نالو غلام اصغر شر ولد نجم الدين شر آھي. ھي 8 جولائي 1999ع تي ڳوٺ سونو خان شر، تعلقي فيض گنج، ضلعي خير پور ميرس ۾ ڄائو. سندس تعليم بي. ايس (سنڌي) آھي. ھِن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم. فل (سنڌي) ڪرڻ سان گڏ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرر طور ڪم ڪري رھيو آھي. ھِن لکڻ جي شروعات 2017ع کان ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڪانهي ويل ويھڻ جي‘ (فيض گنج جي تاريخ: 2019ع)،’عشق کان اڳتي‘ (ناول: 2019ع)، ’اکين جا کول مئخانا‘ (شاعري: 2020ع)، ’ڏيڍ سٽو، فن ۽ موضوع (تحقيق: 2021ع) ۽ ’نوڙت سڀ نماز‘ (ترتيب: 2021ع) شامل آھن.


لفظ اصغر شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1999.07.08  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر اصغر شر جو اصل نالو غلام اصغر شر ولد نجم الدين شر آھي. ھي 8 جولائي 1999ع تي ڳوٺ سونو خان شر، تعلقي فيض گنج، ضلعي خير پور ميرس ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم غلام محمد عرشي
ارجن حاسد
ڀٽو محمد يوسف
بهاول فقير
سرور نواز ٻگهيو
راز شيخ عبدالرزاق
اقبال شاهين
بخشڻ شاهه
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
عبدالحميد شهيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون