اضحِي

اُضَحِي: عربي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جو مفهوم آهي، اُهو جانور جنهن جي، حج جي خوشيءَ ۾ 10 ذوالحج تي، حج جي خطبي کان پوءِ قرباني ڏجي. نہ رڳو حج واري ڏينهن، پر حج جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن بہ قرباني ڏيئي سگهجي ٿي. اُضحيءَ جي گوشت جون ٽي پتيون ڪبيون آهن. هڪڙي پتي پنھنجي عيال لاءِ، ٻي پتي عزيزن قريبن ۽ دوستن لاءِ ٽين پتي خيرات ڪرڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو