اطلاعات کاتو سنڌ: صوبائي حڪومت سنڌ جو کاتو، جنهن جو مک مقصد حڪومت جي معمول وارين سرگرمين جا بهتر ۽ بامقصد تفصيل اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تائين رسائڻ ۽ صحافين کي هر مسئلي بابت آگاهي ڏيڻ آهي. اطلاعات کاتي ۾ هيٺيان شعبا قائم ڪيل آهن.
1. پريس انفارميشن شعبو: هي شعبو خبرن جا تفصيل ۽ وضاحت ناما ۽ ٻيو مواد صحافين کي ڏيڻ کان علاوہ پريس ڪانفرنسن جو انعقاد پڻ ڪندو آهي، جنهن ۾ واسطيدار وزير يا آفيسر صحافين کي هر مسئلي جي وضاحت پيش ڪندو آهي. هن شعبي معرفت ئي گورنر، وزير، سيڪريٽري يا ٻين آفيسرن جي کليل ڪچهرين جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوہ هي شعبو اهم سرڪاري سرگرمين جون تصويرون ۽ ويڊيو رڪارڊنگ وغيرہ پڻ فراهم ڪندو آهي.
2. پبليڪيشن شعبو: ماهوار بنياد تي هن شعبي طرفان اردو زبان ۾ ”اظهار“ ۽ سنڌي زبان ۾ ”پيغام“ نالي رسالو جاري ڪيو ويندو آهي. ان جو آغاز 1993ع ۾ ٿيو پر ڪجهہ عرصو غير فعال رهڻ بعد ٻيهر مئي 1999ع کان اهي رسالا جاري ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ سياسي، علمي ۽ ادبي معلومات جو مواد شامل هوندو آهي.
3. اشتهارن جو شعبو: هن شعبي معرفت اخبارن ۽ ٽي.وي وغيرہ کي سرڪاري کاتن جا اشتهار ۽ نوٽيس وغيرہ مهيا ڪيا ويندا.
4. فلم شعبو: هي شعبو نهايت سرگرم رهي ٿو، جنهن ذريعي گورنر، وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن جي پروگرامن جي ريڪارڊنگ کان علاوہ اهم مسئلن ۽ موضوعن تي ڊاڪيومينٽري وغيرہ تيار ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي پي. ٽي. وي ۽ سرڪاري ريڊئي تان نشر ڪيا ويندا آهن. ان کان سواءِ اطلاعات کاتي ۾ تحقيق ۽ تربيت جا شعبا پڻ قائم ڪيل آهن. هن وقت اطلاعات کاتي سنڌ جي وزارت محترمہ شازيه مري کي ڏنل آهي.