اظهر ريلائي

اظهر ريلائي

اظهر ريلائي

اظهر ريلائي: پير علي محمد ”اظهر“ ولد پير ڪريم ڏنو صديقي قريشي ريلائي درگاھہ پير رکيل ريلائي ضلعي دادو جو ويٺل هو. سندس ولادت 10 اپريل 1923ع تي ٿي. پاڻ ڏهن سالن تائين عربي، فارسي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين. پرائمري تعليم لاءِ اسڪول کيڙي ۾ داخلا ورتائين. سال 1938 ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪري 1939ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. 1942ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مرحوم احمد خان ”آصف“ مصراڻي جي صحبت ۾ شاعري جو شوق پيدا ٿيس. شاعري جو استاد مرحوم جمع خان ”غريب“ هوس، ڪيترائي مقالا، تاريخي تحقيقاتي ڪتاب ۽ دادو ضلعي جي جاگرافي لکيائين. پاڻ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد وجهندڙ هو. مخدوم طالب الموليٰ سان والهانه عقيدت رکندو هو، کيس قبلہ طالب الموليٰ وٽان سندس ادبي حسن ڪارڪردگيءَ سبب چانديءَ جو تمغو ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ عطا ٿيو. پاڻ 15 مئي 1982ع تي رٽائر ڪيائين ۽ طويل بيماري بعد 21 فيبروري 1985ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.04.10  عيسوي

اظهر ريلائي: پير علي محمد ” اظهر “ ولد پير ڪريم ڏنو صديقي قريشي ريلائي درگاهه پير رکيل ريلائي ضلعي دادو جو ويٺل هو . سندس ولادت 10 اپريل 1923ع تي ٿي .


1985.02.21  عيسوي

اظهر ريلائي، طالب الموليٰ وٽان سندس ادبي حسن ڪارڪردگيءَ سبب چانديءَ جو تمغو ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ عطا ٿيو . پاڻ 15 مئي 1982ع تي رٽائر ڪيائين ۽ طويل بيماري بعد 21 فيبروري 1985ع تي وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

منشي ٻالچند
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
ميان قائم الدين فقير شر
غلام رسول برهماڻي
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
شاھہ لطف ﷲ قادري رح
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
پرسرام ارجن داس ڪمل
پياسي نظر چانڊيو
مير علي نواز خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون