
پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه
اظھر علي شاھہ، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھہ ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاھہ جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سوشيالاجي- 2013ع)، ايل ايل بي (2016ع)، ايم ايس سي (اليڪٽرونڪس- 1998ع) ۽ ايم. فل (انفارميشن ٽيڪنالاجي- 2004ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. جڏهن تہ 2011ع ۾ انگلنڊ جي ناٽنگهم يونيورسٽيءَ مان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اليڪٽرونڪس شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ هن وقت ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر اظھر علي شاھہ سنڌ يونيورسٽي دادو ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپس جو ڪجهہ عرصي لاءِ پرووائيس چانسلر رهيو آهي. ان کانسواءِ شھيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ملڪي توڙي غير ملڪي تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪيترين ئي ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪانفرنسن ۾ شامل ٿي مقالا پيش ڪيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”Reforms needed in the Universities of Sindh“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي
1976.02.05 عيسوي
تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.