اعجازالحق قدوسي

اعجازالحق قدوسي: محقق، تاريخدان ۽ شاعر. اعجازالحق قدوسي، جولاءِ 1905ع ۾ جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو. شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جي اولاد مان آهي. ديني علمن جي تڪميل هندستان جي مشھور ديني درسگاھہ مظاهرالعلوم سهارنپور ۽ مدرسہ دينيات سرڪار عالي حيدرآباد دکن مان ڪيائين. 1951ع ۾ ڀارت مان پاڪستان لڏي آيو. سندس عمر جو وڏو حصو علمي ادبي ادارن، خاص طرح سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪندي گذريو. سندس اصل موضوع تاريخ ۽ تذڪرا آهن. پنھنجي لکڻين ۾ تحرير جي فن جو خاص خيال رکيو اٿس. شعر گوئيءَ ۾ سندس حيثيت ٻئي درجي جي آهي. ’تذڪره صوفياءِ سنڌ‘، ’تذڪره صوفياءِ پنجاب‘، ’تذڪره صوفياءِ بنگال‘، ’تذڪره صوفياءِ سرحد‘، ’شيخ عبدالقدوس گنگوهي اور ان ڪي تعليمات‘، ’تزڪ جهانگيريءَ جو اردو ترجمو ۽ حاشيا‘ (2 جلد)، ’تاريخ سنڌ‘ (3 جلد، اردو)، ’اقبال اور علماء پاڪ و هند‘، ’تاريخ مغربي پاڪستان‘ ۽ ‘رسول پاڪ صلي عليہ وسلم ڪي صاحبزاديان‘ سندس اهم تصنيفون آهن. سندس خود نوشت سوانح حيات ”ميري زندگي ڪي 75 سال“ مڪتبه اسلوب، ڪراچيءَ 1988ع ۾ شايع ڪئي آهي.


لفظ اعجازالحق قدوسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.09.00  عيسوي

اعجازالحق قدوسي، جولاءِ 1905ع ۾ جالنڌر (ڀارت) ۾ ڄائو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيڪم آفتاب
اسلم علوي اسلم
چانڊو مل راڌا ڪرشن آهوجا پرديسي
پلي طالب
دکايل هوندراج
محبوب سروري
ايوب کوسو
شيرل بيوس باڊاهي
شفيع احمد اوج علوي
تنوير شاھہ محمد زئي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون