اعجاز حسين چانڊيو حڪيم

اعجاز حسين چانڊيو حڪيم: مترجم ۽ مضمون نگار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو 5 آگسٽ 1970ع تي حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي جي گهر ۾ ماڏي (تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ) ۾ جنم ورتو. ايم. اي، F.T.J ۽ B.U.M.S جون ڊگريون ورتل اٿس. هي پيشي جي لحاظ کان حڪيم آهي. اعجاز حسين چانڊيو سٺو ليکڪ بہ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
طب يوناني ۽ جديد ميڊيڪل سائنس (2003ع)، تحفا طبيبن جا (2005ع)، پامسٽريءَ جا راز (2005ع)، نهج البلاغه (ترجمو 2006ع)، پهرا شناسي (2006ع)، بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاھہ صوفي القادري- ترتيب:2006ع)، ديوان دادن (ترتيب: 2006ع) شامل آهن. هو ماڏي شھر ضلعي دادو ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.05  عيسوي

اعجاز حسين چانڊيو حڪيم: مترجم ۽ مضمون نگار حڪيم اعجاز حسين چانڊيو 5 آگسٽ 1970ع تي حڪيم عبدالحميد خان چانڊئي جي گهر ۾ ماڏي ( تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ) ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيل دلپت
رونالڊ ريگن
سر وليم جونز
پير مٺا سائين حضرت خواجہ محمد عبدالغفار
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
رحيم بخش قريشي
قيوم منگي
شاھہ اسماعيل ڀڙي وارو
اياز سمون
جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون