اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي

اعجاز علي شاهه اعجاز راشدي

اعجاز علي شاھہ اعجاز راشدي

اعجاز علي شاھہ ’اعجاز‘ راشدي: مشھور صوفي شاعر اعجاز علي شاھہ ‘اعجازسائين جو اصل نالو پير سيد محي الدين شاھہ راشدي هو، پر پاڻ اعجاز علي شاھہ ’اعجازسائين جي نالي سان مشھور هو. هي سيد احسان شاھہ راشدي جي گهر ۾ 12 ربيع الاول 1348ھہ/19 آگسٽ 1929ع تي سومر جي رات ڳوٺ پير جهنڊي، سعيدآباد، ضلعو مٽياريءَ ۾ ڄائو. هن 8 سالن جي عمر ۾ قرآن شريف جا 29 سيپارا مولوي شفيع محمد مڱريي وٽ پڙهيا، باقي 30هون سيپارو رهجي ويو هو، انهيءَ ڪري جو ان وقت سندس والد سيد احسان شاھہ ذوالحج 1356ھہ/فيبروري 1938ع ۾ هجرت ڪري ڳوٺ پير جهنڊي کان اتر طرف اڌ ميل جي مفاصلي تي هڪ نئون ڳوٺ “درگاھہ شريف” جي نالي سان ٻڌائي رهائش پذير ٿيو، جتي باقي رهجي ويل 30 سيپارو مولوي جمال الدين متو (رڻ ڪڇ جي رهاڪو) وٽ پڙهي قرآن شريف پورو ڪيائين، اسڪول ۾ پھرئين ڪلاس کان پوءِ ڪو نہ پڙهيو. سندس والد سيد احسان شاھہ اعليٰ پايي جو عالم ۽ فقير صفت انسان هو، جنھن 15 شعبان 1358ھہ/30 سيپٽمبر 1939ع تي وفات ڪئي. ان وقت اعجاز علي شاھہ جي عمر فقط 10 سال هئي. اعجاز علي شاھہ روحاني تعليم پنھنجي والد کان ورتي. ننڍپڻ ۾ سندس روحاني رمزن کي ڏسي سندس والد کيس ’بھلول‘ جي نالي سان سڏيندو هو، جيڪو نالو هن تخلص طور ڪٿي ڪٿي پنھنجي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي. پاڻ 51هين قادري سلسلي سان وابستہ هو ۽ پير سائين پاڳاري سيد سڪندر علي شاھہ مردان شاھہ کي پنھنجو مرشد ڪري مڃيندو هو، جنھن جو اظھار هن پنھنجي شعرن ۾ پڻ ڪيو آهي. اعجاز علي شاھہ 15 سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. اعجاز شاھہ ’اعجاز‘ نہ صرف سنڌي زبان ۾ پر سرائڪي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”سخن اعجاز“ جي نالي سان 2003ع ۾ ’بزم اعجاز‘ طرفان شايع ٿيو. ”سخن اعجاز“ جو اختصار ”مخزن اعجاز“ جي نالي سان روشني پبليڪيشن طرفان 2014ع ۾ ڇپيو. سندس شايع ٿيل شاعريءَ ۾ 838 بيت، 587 ڪافيون، 164 غزل، 26 وايون، 3 ٽيھه اکريون (سي حرفيون) ۽ 38 نين طرزن وارا ڪلام شامل آهن. سندس ڪلام ڪيترين ئي راڳڻين ۾ مشھور فنڪارن جي آواز ۾ ڳائجي چڪو آهي. پاڻ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن ڪافي ۽ بيت تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي اٿن. سندس بيتن م موضوع ۽ مقصد جي حسن سان گڏ فن جو ڪمال بہ نظر اچي ٿو. اعجاز شاھہ جي فرزند سيد محمد اشرف شاھہ، ”اعجاز شاھہ راشدي جي بيتن جو فني ۽ فڪري اڀياس“ جي عنوان سان هڪ تحقيقي مقالو لکي ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 16 جون 1998ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار موجودہ سعيدآباد کان 3 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سندن والد جي نئين ٻڌايل ڳوٺ درگاھہ شريف پير جهنڊي ۾ آهي. هن وقت سندن اولاد ڳوٺ ’اعجاز آباد‘ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ مقيم آهي. وٽن صوفي راڳ ويراڳ جي محفلن جو سلسلو سيد سجاد رسول راشدي جي سرپرستيءَ ۾ اڄ بہ جاري آهي. ماهوار صوفياڻي محفل چنڊ جي ايڪيھين رات ۽ عرس مبارڪ صفر جي ايڪيھين رات ملهايو ويندو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.08.19  عيسوي

مشھور صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ سائين جو اصل نالو پير سيد محي الدين شاهه راشدي هو، پر پاڻ اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ سائين جي نالي سان مشھور هو. هي سيد احسان الله شاهه راشدي جي گهر ۾ 12 ربيع الاول 1348هه/19 آگسٽ 1929ع تي سومر جي رات ڳوٺ پير جهنڊي، سعيدآباد، ضلعو مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1998.06.16  عيسوي

صوفي شاعر اعجاز علي شاهه ‘اعجاز’ 16 جون 1998ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار موجوده سعيدآباد کان 3 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سندن والد جي نئين ٻڌايل ڳوٺ درگاهه شريف پير جهنڊي ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

افضل سولنگي
سترامداس ڪيولرام ڀڳواناڻي
ڌامراهو مهراڻ
اوڌوداس
اشرف پلي
الھہ بخش سرشار عقيلي
مجازي جروار
صوفي صادق فقير
اظھر علي ٻانڀڻ
ٽيڪچند بھار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون