اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو: مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سندس خاندان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪرڻ دؤران هن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات پي. ٽي. وي تي ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري سان ڪئي. سندس ڊرامن ۾: ’ناٽڪ رنگ‘، ’بدلتي موسم‘، ’درارين‘، ’ڪشمڪش‘، ’وٽا سٽا‘، ’شوق جي قيمت‘، ’چنڊ جي تپش‘، ’رشتن جي ڪھاڻي‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوہ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي وائيس چيئرمين بہ رهيو. 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.19  عيسوي

مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.


2023.06.17  عيسوي

اعجاز ٻرڙي 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام تماچي
شاھہ رخ مرزا ترخان
پنڊت ڀڄن سوپاري
ابڙو اگهام
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
بيبي راستي
ادريسي
الھجڙيو سمون
حال ﷲ ڪلهوڙو ٻيو
سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون