اعراف: قرآن شريف جي ستين سورت جو نالو. دوزخ ۽ بهشت جي وچ وارو هنڌ (نه ڪي گرم نه ڪي سرد). اعراف عربي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جيڪو دراصل بُلندين کي چوندا آهن. ’سوره اعراف‘ ۾ آهي ته بهشت ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ واٽ هوندي، جنهن جي مٿاهينءَ تي اهڙا ماڻهو هوندا، جن جون نيڪون ۽ بديون هڪ جيتريون هونديون. اُهي نه دوزخ ۾ ويندا ۽ نه بهشت ۾. ليڪن بهشت ۽ دوزخ وارن جي حال کان واقف هوندا. اُهي جنت وارن کي ڏسي چوندا ته توهان تي سلامتي هجي، وري جڏهن دوزخ وارن تي نظر پوندين، تڏهن دانهن ڪري چوندا ”ياالله‘ اسان کي هنن ظالمن ۾ شامل نه ڪر“.