اعراف: قرآن شريف جي ستين سورت جو نالو. دوزخ ۽ بھشت جي وچ وارو هنڌ (نہ ڪي گرم نہ ڪي سرد). اعراف عربي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جيڪو دراصل بُلندين کي چوندا آهن. ’سوره اعراف‘ ۾ آهي تہ بھشت ۽ دوزخ جي وچ ۾ هڪ واٽ هوندي، جنهن جي مٿاهينءَ تي اهڙا ماڻهو هوندا، جن جون نيڪون ۽ بديون هڪ جيتريون هونديون. اُهي نہ دوزخ ۾ ويندا ۽ نہ بھشت ۾. ليڪن بھشت ۽ دوزخ وارن جي حال کان واقف هوندا. اُهي جنت وارن کي ڏسي چوندا تہ توهان تي سلامتي هجي، وري جڏهن دوزخ وارن تي نظر پوندين، تڏهن دانهن ڪري چوندا ”ياالله‘ اسان کي هنن ظالمن ۾ شامل نہ ڪر“.