اعظم شاھہ بقاپوري

اعظم شاھہ بقاپوري: سيد محمد اعظم شاھہ بقاپوري ڳوٺ بقاپور تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق بقاپور جي مشھور سيد گهراڻي سان هو. اعظم شاھہ پاڪ- هند جي ورهاڱي کان اڳ جو شاعر ٿي گذريو آهي. محمد اعظم شاھہ قرآن شريف ناظره ۽ ٻہ چار درجا سنڌي پڙهيل هو. شعر و شاعريءَ سان خاص چاھہ هئس. سندس ڪيترو ئي ڪلام ڏوهيڙن، قطعن، غزلن ۽ ڪافين جي صورت ۾ ملي ٿو. سندس ڪلام ’ديوان اعظم‘ جي نالي سان لاڙڪاڻي جي مشھور پبلشر ويڙهومل کٽڻمل، ڪراچيءَ مان ليٿو پريس مان ورهاڱي کان اڳ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. محمد اعظم بقاپوريءَ جي ديوان ۾ 66 ڪافين سان گڏ چار پنج دوها ۽ ڪجهہ غزل پڻ شامل آهن. ورهاڱي کان ٿورو وقت اڳ وفات ڪري ويو هو، سندس ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:
دوست لٽي ويو دلڙي، رمزن سان ريجهائي،
رمزن سان ريجهائي، غمزن سان ويو گهائي.
نيڻ نماڻا نرتون، يار کڻي پيو جنهن دم،
ساھہ سيباڻا سرتيون، واھہ وڻن پيا تنهن دم،


لفظ اعظم شاھہ بقاپوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو