اعلان تاشقند: پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لڳندڙ 1965ع واري جنگ سترهن ڏينهن کان پوءِ 23 سيپٽمبر 1965ع تي بند ٿي. وقتي مسئلن جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن، روس جي دعوت تي، ازبڪستان جي مرڪز تاشقند ۾، 4 جنوري کان 10 جنوري 1966ع تائين ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ ڪي روسي اڳواڻ بہ شريڪ هئا. ڳالهين کان پوءِ پڌرنامو جاري ٿيو، جنهن کي ”اعلان تاشقند“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ اعلان تي پاڪستان طرفان صدر جنرل محمد ايوب خان ۽ ڀارت طرفان وزيراعظم لال بھادر شاستريءَ صحيحون ڪيون هيون. انهيءَ تاريخي تقريب ۾ پاڪستان جو پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، ڀارتي پرڏيهي وزير ”سورن سنگهہ“، ڀارتي گهرو وزير ”چرن سنگهہ“، روسي وزيراعظم ”ڪوسيجن“ ۽ روسي وزيرخارجه ”گروميڪو“ بہ موجود هئا. ”اعلان تاشقند“ ۾ ڪيل فيصلن مان مکيہ هيٺيان هئا:
(1) ٻنهي ملڪن ۾ خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون.
(2) ٻنهي ملڪن جون فوجون، 25 فيبوري 1966ع تائين واپس پنهنجن علائقن ۾ هليون وينديون.
(3) جنگ بنديءَ جي حد تي بمباري بند رکڻ جي شرطن جي پابند ڪئي ويندي.
(4) ٻئي ملڪ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نہ ڪندا.
(5) ٻنهي ملڪن جون حڪومتون سفارتي رابطن ۾ ”ويانا ڪنوينشن 1961ع“ جي فيصلن جي پابندي ڪنديون.
(6) ٻئي ملڪ اقتصادي ۽ واپاري رابطن، ثقافتي ڏي وٺ ۽ اچ وڃ جي ذريعن جي بحاليءَ لاءِ تدبيرون ڪندا.
(7) جنگ ۾، قيد ٿيل جنگي قيدين جي آزادي ۽ ضبط ٿيل ملڪيتن جي واپسي ڪئي ويندي.