اعلان لاهور

اعلان لاهور: 22 کان 24 فيبروري 1974ع تي ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ٿي. ان موقعي تي جيڪو گڏيل اعلان پڌرو ٿيو، سو ”اعلان لاهور“ جي نالي سان مشھور آهي. ان ۾ چيو ويو تہ: (1) مسلمان قومن جو اتحاد نسل ۽ ثقافت تي نه، پر مساوات ۽ اخوت تي آهي، (2) اسين ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي مشترڪ جدوجھد سان گڏ آهيون، (3) اسين مسلمانن جي يڪجهتيءَ کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪريون ٿا، (4) اسين عرب ملڪن ۽ فلسطين جي آزاديءَ جي تحريڪ کي ساراهيون ٿا، (5) اسين اسلامي ڪانفرنس ۽ ان جي سيڪريٽريٽ جي سرگرمين کي ساراهيون ٿا، (6) اسين جارحيت جي خلاف آهيون، (7) عرب ملڪن جي مؤثر ۽ مڪمل حمايت هجڻ گهرجي ۽ (8) بيت المقدس جي آزاديءَ جي لاءِ گڏيل جدوجھد هئڻ گهرجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو