اعلان ڪراچي: 6 جولاءِ 1978ع کان 8 جولاءِ 1978ع تائين ڪراچيءَ ۾ پهرين غيرسرڪاري ٽن ڏينهن واري رابطہ عالم اسلامي ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ ايشيا جا ٻہ سؤ کان وڌيڪ ادارا شريڪ ٿيا، جن ايشيا جي 25 ملڪن جي نمائندگي ڪئي. عملي طور تي 190 تنظيمن شرڪت ڪئي ۽ مبصرن جي حيثيت ۾ آسٽريا، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، نيوزي لئنڊ ۽ فيجيءَ جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ رابطہ عالم اسلاميءَ جي نمائندن بہ شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمانن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي آخري اجلاس ۾ رابطہ عالم اسلاميءَ جي سيڪريٽري جنرل، شيخ محمد علي الحرڪان، پڌرنامو جاري ڪيو، جنهن کي ”اعلان ڪراچي“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. پڌرنامي جا مکيہ نُڪتا هي هئا:
(1) پاڪستان ۾ اسلامي نظام نافذ ٿيڻ گهرجي ۽ قانون بہ اسلامي شريعت موجب هئڻ گهرجن.
(2) سڀني مسلمان ادارن ۾ گڏيل تعلق ۽ تعاون لاءِ ڪوششون ڪرڻ کپن تہ جيئن وحدت اسلاميءَ جو مقصد حاصل ٿي سگهي.
(3) ڏکڻ ايشيا لاءِ هڪ اسلامي ڪائونسل بنائي وڃي، جنهن جو مرڪز ڪراچي هجي.