افضل قادري

افضل قادري: مزاحمتي شاعر افضل قادري 15 آگسٽ 1949ع تي لاڙڪاڻي شھر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ننڍي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو. حساس طبيعت هئڻ ڪري هن قوم ۽ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن کي محسوس ڪندي مزاحمتي شاعري ڪئي. غريب خاندان جو فرد هئڻ ڪري، 20 ورهين جي عمر ۾ ٻي ملازمت نہ ملڻ ڪري جانورن جي اسپتال جو ڪمپائونڊر ٿيو. افضل ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر نہ ٿيو، پر قومي جذبي هن جي اندر ۾ اُٿل پيدا ڪئي، ۽ انقلابي شاعري شروع ڪيائين. ڏات ۽ ڏانءَ هن جو ساٿ ڏنو ۽ ٿوري وقت ۾ مقبول شاعر بنجي پيو. هن 12 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ افضل قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.08.15  عيسوي

افضل قادري 15 آگسٽ 1949ع ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو


1990.05.12  عيسوي

افضل قادري 12 مئي 1990ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احسان علي شاھہ 1
حافظ محمد بخش خاصخيلي
پلي راڄ محمد
صابر علي مير ٺٽوي
زاهد شيخ
غلام محمد غازي
اطهر منگي
رضوي ميون شاھہ عنات
چانڊيو نظام الدين
سائل خواجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون