اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر

اقبال احمد انصاري، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمي ماهر ۽ استاد ڊاڪٽر اقبال احمد انصاري، 9 سيپٽمبر 1942ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. 1958ع ۾ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري شعبي ۾ بي. ايس سي ۽ 1964ع ۾ ايم. ايس سي ڪرڻ بعد، ساڳئي ئي شعبي مان 1964ع ۾ ڊپلوما جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. 1964ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ۽ 1970ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. هن پڙهائڻ دؤران 1977ع ۾ برطانيا جي اسٽراٿ ڪلائيڊ يونيورسٽي گلاسڪو (Stratheyde. Glasgow U.K) مان ائنالٽيڪل ڪيمسٽريءَ ۾ پي. ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس 20 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپجي چڪا آهن. پاڻ ڪيترين ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪانفرنس ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ گومل يونيورسٽيءَ جي ٽين قومي ڪانفرنس، قائداعظم يونيورسٽيءَ اسلام آباد جي پنجين قومي ڪانفرنس ۽ بلوچستان يونيورسٽيءَ جي ستين قومي ڪانفرنس سميت مختلف سيمينارن ۽ سپوزيمن ۾ سندس 25 کان وڌيڪ مقالا پڙهيا ويا آهن. ڊاڪٽرصاحب، سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو صدر، اسريٰ يونيورسٽيءَ جي سليڪشن بورڊ جو صدر، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بورڊ آف گورنرس، اڪيڊمڪ ڪائونسل ۽ سينيٽ جو ميمبر، پاڪستان ائٽامڪ ڪميشن جو ميمبر ۽ ٻين ادارن سان پڻ وابسته آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري شعبي جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.09.09  عيسوي

ڊاڪٽر اقبال احمد انصاري، 9 سيپٽمبر 1942ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي محمد سمون
پيريڪلس
سيد اسماعيل شاهه شاهڪپور وارو
جان شير خان
آريسر عبدالغفور
روچيرام ڪامريڊ
احمد خان ملڪاڻي
خان عبدالولي خان
جيلاني سيد ڪرم الله شاهه
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون