اقبال ترين

اقبال ترين

اقبال ترين

اقبال ترين: ناميارو سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ اقبال ترين، 3 جنوري 1948ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم هتي ئي حاصل ڪيائين، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گرئجوئيشن بعد آمريڪا پڙهڻ لاءِ ويو، جتي هن هارورڊ يونيورسٽيءَ مان بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي ۽ ڪيليفورنيا ڪوسٽ يونيورسٽيءَمان ايم. بي. اي ڪيائين. ان کانسواءِ ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۾ پڻ ڪورس ڪيائين. اقبال ترين شاگرديءَ واري دور کان وٺي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف رهيو ۽ هڪ دور ۾ Sindh Monitor جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. ان کانسواءِ پاڪستان ٽيليويزن جي شروعاتي دور وارن ڊرامن ۾ ڪم ڪندي اداڪاريءَ ۾ پنھنجا جوهر ڏيکاري ڪيترائي پي. ٽي. وي جا اوارڊ کنيائين. هن انساني حقن جي پرچار سان گڏ، قومي تحريڪن ۾ به ڀرپور حصو ورتو آهي ۽ جمھوري حقن لاءِ جاکوڙيندڙن جي حمايت ڪندو رهي ٿو. اقبال ترين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو باني ميمبر آهي. اقبال ترين آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي نمائنده تنظيم ”سانا “(Sindhi Association of North America) جو صدر به رهي چڪو آهي، اڄڪلهه هو ورجينيا (آمريڪا) ۾ رهائش پذير آهي ۽ هن وقت اتي قائم ڪيل فورم Forum for Justice & Democracy in Pakistan جو صدر پڻ آهي. سندس هڪ ڪتاب Harvest will come پڻ شايع ٿيل آهي


لفظ اقبال ترينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.01.03  عيسوي

اقبال ترين ، 3 جنوري 1950ع تي شڪارپور ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالرحيم سنڌي
سروري مائل
پير مظهرالحق
آسيو سوڍو
درويش دائود 1
بهاول خان عباسي
ريجھو مل لاهوري
جهان آرا بيگم
پير ڪمال ڪمال فقير
رشدالله شاهه امروٽي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون