الاخوان المسلمين

الاخوان المسلمين (رسالو ):هيءَ ماهوار رسالو 1899ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيو، جنهن جو سرپرست پير مظهر الدين شاھہ راشدي هو، هيءُ رسالو مطبع مظهر العجائب ٺلاھہ ڳوٺ، ڏوڪري پريس مان ليٿو مشين تي شايع ٿيندو هو. هيءُ رسالو خاص طور ديني تبليغ جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، رسالي ۾ مذهبي مواد سان گڏ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جا مضمون، مولود، مناجاتون، غزل پڻ شايع ٿيندا هئا. هن رسالي جو ساليانو چندو اڍائي روپيا هو. ڪجهہ عرصي بعد بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو