الاهي بخش اڄڻ

الاهي بخش اڄڻ

الاهي بخش اڄڻ

الاهي بخش اڄڻ: شاعر، محقق ۽ تعليمدان الاهي بخش ولد غلام محمد اڄڻ 05 جولاءِ 1987ع تي واپڊا ڪالوني، حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان، 2010ع ۾ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ساڳي يونيورسٽيءَ مان ”قمر شھباز جي لکڻين ۾ قوميت“ جي عنوان تي ايم. فل ڪئي. ان کان علاوہ ايل ايل بي ۽ بي ايڊ بہ ڪيل اٿس. 2019ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد، جڏهن تہ 2023ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. سندس لکڻيون ’سارنگا‘، ’امرتا‘، ’سڦلتا‘، ’ادا سائين‘، ’گل ڦل‘، ’ڪاوش‘ وغيرہ ۾ ڇپيل آهن. هن ادبي دنيا ۾ ’فرحان اڄڻ‘ جي نالي سان پير پاتو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’سار جا رستا‘ (شاعري: 2016ع) ۽ ’چانڊوڪي کي چاهي ڏس‘ (تنقيدي مضمون: 2023ع) شامل آهن. الاهي بخش اڄڻ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو جي سنڌي نصاب واري رويو ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي. بيورو آف ڪريڪيولم ۾ ڇھين درجي کان اٺين درجي تائين ڪريڪيولم جو ميمبر رهيو آهي.کيس مڃتا طور PITE نوابشاھہ مان تعليمي تربيت جو سرٽيفڪيٽ، لطيف شناسي اوارڊ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد طرفان اوارڊ، ترجمي جي فن بابت سرٽيفڪيٽ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو)، بھترين ڪھاڻيڪار جو سرٽيفيڪيٽ ۽ سرهاڻ اخبار اوارڊ شامل آهن.


لفظ الاهي بخش اڄڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.07.05  عيسوي

شاعر، محقق ۽ تعليمدان الاهي بخش ولد غلام محمد اڄڻ 05 جولاءِ 1987ع تي واپڊا ڪالوني، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد مشتاق
بھاول خان عباسي4
قاضي خدابخش مورائي
زاهده حنا
خٽڪ خالد خان
آغا بدر الدين
بختيار بيگ
جان محمد عباسي مولانا
راجيش کنا
باغ محمد بيشڪ جوکيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون