الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو: مشھور سياستدان الاهي بخش سومرو 16 مئي 1926ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هي شڪارپور جي نامور سياستدان حاجي مولابخش سومري جو پٽ ۽ احمد ميان سومري جو ڀاءُ هو. هن انجنيئرنگ جي ڊگري اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري ڪولمبيا يونيورسٽي، آمريڪا مان حاصل ڪئي. اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج، ڪراچي ۾ پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو. شھيد ذوالفقار ڀٽي جي دؤر حڪومت ۾، برطانيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفير رهيو. جنرل ضياءُ الحق جي دؤر حڪومت ۾ پھريون ڀيرو وفاقي وزير ٿيو. 1985ع جي چونڊن ۾ شڪارپور مان آزاد اميدوار طور بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1988ع ۾ وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات مقرر رهيو. 1990ع ۾ عوامي گرينڊ الائنس ۽ 1997ع ۾ مسلم ليگ (نواز) جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. قومي اسيمبليءَ ۾ 1997ع کان 2001ع تائين 16هون اسپيڪر ۽ مختلف وقتن تي وفاق جي نون کاتن جو وزير پڻ رهيو. هن 9 آڪٽوبر 2024ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي


لفظ الاهي بخش سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو