التتمش

التتمش: شمس الدين التتمش، البري قبيلي جي سردار ايلم خان جو پٽ هو. ننڍپڻ ۾ ئي ڀائرن جي حسد جو شڪار ٿيو ۽ غلام جي حيثيت ۾ وڪرو ٿي ويو. آخري دفعو وڪرو ٿي قطب الدين ايبڪ وٽ پهتو. سندس انتظامي صلاحيت جي ڪري ايبڪ هن کي برن، بدايون ۽ گواليار جو حاڪم مقرر ڪيو. پنجاب جي کوکرن جي خلاف ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جي بدلي ۾ سندس غلامي ختم ٿي ۽ آزاد درجو حاصل ڪيائين ۽ چھل گاني جي اميرن جو سربراھہ ٿيو. 1211ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيائين ۽ بادشاھہ هئڻ جو اعلان ڪيائين. 1216ع ۾ ترائن واري هنڌ وٽ تاج الدين کي شڪست ڏنائين. 1226ع ۾ رنٿمبور جي رياست فتح ڪيائين. ان کان پوءِ اُچ، گواليار ۽ بنون تي بہ حملو ڪيائين. دهليءَ واپس پهتو، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633ھہ/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين. هن دهليءَ ۾ مسجد قوت الاسلام ۽ قطب مينار ٺهرايو. التتمش جي وفات کانپوءِ سندس پٽ رڪن الدين فيروز شاھہ کي تخت تي ويهاريو ويو، پر ان جي وقت ۾ ڪيتريون ئي انتظامي خرابيون پيدا ٿيون جنهن ڪري سندس حڪومت ناڪام ٿي، پوءِ سندس ڀيڻ رضيہ سلطانہ کي تخت تي ويهاريو ويو، جيڪا بھادر ۽ انتظامي معاملن کي سمجهندڙ هئي، ان کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي.


لفظ التتمشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1211.00.00  عيسوي

1211ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيائين ۽ بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيائين


0633.00.00  هجري

ان کان پوءِ اُچ ، گواليار ۽ بنون تي به حملو ڪيائين . دهليءَ واپس پهتو ، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633هه/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين .


1236.00.00  عيسوي

ان کان پوءِ اُچ ، گواليار ۽ بنون تي به حملو ڪيائين . دهليءَ واپس پهتو ، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633هه/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هنود
علي احمد قريشي
شھڪ ڏاڏو
فاطمہ آفندي
دينوري ابو حنيفہ
شعيب اختر
الھداد خان صوفي لغاري
شيخ الڀو ٺٽوي
فدا سرهيو
آنند رامچند گولاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون