التتمش: شمس الدين التتمش، البري قبيلي جي سردار ايلم خان جو پٽ هو. ننڍپڻ ۾ ئي ڀائرن جي حسد جو شڪار ٿيو ۽ غلام جي حيثيت ۾ وڪرو ٿي ويو. آخري دفعو وڪرو ٿي قطب الدين ايبڪ وٽ پهتو. سندس انتظامي صلاحيت جي ڪري ايبڪ هن کي برن، بدايون ۽ گواليار جو حاڪم مقرر ڪيو. پنجاب جي کوکرن جي خلاف ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جي بدلي ۾ سندس غلامي ختم ٿي ۽ آزاد درجو حاصل ڪيائين ۽ چھل گاني جي اميرن جو سربراھہ ٿيو. 1211ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيائين ۽ بادشاھہ هئڻ جو اعلان ڪيائين. 1216ع ۾ ترائن واري هنڌ وٽ تاج الدين کي شڪست ڏنائين. 1226ع ۾ رنٿمبور جي رياست فتح ڪيائين. ان کان پوءِ اُچ، گواليار ۽ بنون تي بہ حملو ڪيائين. دهليءَ واپس پهتو، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633ھہ/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين. هن دهليءَ ۾ مسجد قوت الاسلام ۽ قطب مينار ٺهرايو. التتمش جي وفات کانپوءِ سندس پٽ رڪن الدين فيروز شاھہ کي تخت تي ويهاريو ويو، پر ان جي وقت ۾ ڪيتريون ئي انتظامي خرابيون پيدا ٿيون جنهن ڪري سندس حڪومت ناڪام ٿي، پوءِ سندس ڀيڻ رضيہ سلطانہ کي تخت تي ويهاريو ويو، جيڪا بھادر ۽ انتظامي معاملن کي سمجهندڙ هئي، ان کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي.
1211.00.00 عيسوي
1211ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيائين ۽ بادشاهه هئڻ جو اعلان ڪيائين
0633.00.00 هجري
ان کان پوءِ اُچ ، گواليار ۽ بنون تي به حملو ڪيائين . دهليءَ واپس پهتو ، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633هه/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين .
1236.00.00 عيسوي
ان کان پوءِ اُچ ، گواليار ۽ بنون تي به حملو ڪيائين . دهليءَ واپس پهتو ، جتي بيماريءَ جي حالت ۾ 633هه/ 1236ع ۾ وفات ڪيائين .