التتمش جو مقبرو: سلطان شمس الدين التتمش جو مقبرو قوت الاسلام مسجد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ آهي. ٻاهران سنگِ خارا ۽ اندر سنگِ سرخ ۽ ڪٿي ڪٿي سنگِ مرمر لڳل آهي. ديوارن تي خطِ ڪوفي ۾ قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن. هن تي عاليشان گنبذ بہ تعمير ٿيل هو، جيڪو سار سنڀار نہ ٿيڻ ڪري ڊهي ويو آهي.