الجماعت (اخبار ):سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندر هفتيوار اخبار، جيڪا پهرين آڪٽوبر 1938ع تي سيد صدرالدين شاھہ بخاريءَ شڪارپور مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار ڀرچونڊيءَ واري پير جي جماعت ”احياءُ الاسلام“ جي ترجمان هئي. اخبار شروع ۾ ”ديوي پرنٽنگ پريس“ ۽ پوءِ ”شڪارپور اليڪٽرڪ پريس“ مان ڇپبي هئي. 1947ع ۾ جڏهن پير آف ڀرچونڊيءَ جي تحريڪ سرد ٿي وئي، تڏهن شاھہ صاحب هيءَ اخبار سيد سرور علي شاھہ گيلانيءَ کي وڪرو ڪري ڏني، جنهن سال کن تہ شڪارپور مان ئي ڪڍي، پر پوءِ ان کي ڪراچيءَ کڻي ويو ۽ اتان 1961ع تائين اردوءَ ۾ ڪڍندو رهيو. انهيءَ سال ئي سيد سرور شاھہ جي وفات کان پوءِ هيءَ اخبار بند ٿي ويئي.