الجي

الجي

الجي

الجي (Algae ):الجي ٻوٽن جي دنيا ۾ سادي ۾ سادو گروپ آهي. هي روشنائي ترڪيب وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ٻين ٻوٽن وانگر هن ۾ بہ سائو مادو ’ڪلوروفل‘ ٿئي ٿو. هن جي اصل جاءِ پاڻي آهي ۽ هي مٺي توڙي کاري پاڻي ۾ پيدا ٿئي ٿي. اهڙي طرح هي وهندڙ ندي، نالن، ڍنڍن ۽ سمنڊ ۾ ٿئي ٿي. الجي عام طرح پاڻي ۾ ترندي رهي ٿي يا پٿرن وغيرہ سان چنبڙيل هوندي آهي. بناوٽ جي لحاظ کان الجي ٻن قسمن جي يعني هڪڙي هڪ گهرڙي واري ۽ ٻي گهڻن گهرڙن واري ٿئي ٿي. نيري سائي الجي کانسواءِ الجي جي ٻين سڀني گروهن ۾ گهرڙي جي اندر نيوڪليس ۽ ٻيون بناوٽون موجود ٿين ٿيون. هي روشنائي ترڪيب وسيلي پنهنجو کاڌو پاڻ ٺاهي ٿي. ڪجهہ گهڻ گهرڙن واري الجي جي بناوٽ ڌاڳي نما Fintamentous جهڙي ٿئي ٿي.
الجي جون 20000 کان بہ وڌيڪ جنسون ٿين ٿيون، جن کي رنگن ۽ بناوٽ جي بنياد تي مختلف گروهن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ڪلئميڊو موناس يا گهڻ گهرڙن وارا يولو ٽرڪس ۽ اسپائرو گائرا ٿين ٿا. پاڻي واري ماحول ۾ ٿيندڙ روشنائي ترڪيب جو تقريباً 90 سيڪڙو الجي جي ڪري ٿئي ٿو. انهيءَ عمل جي دوران پيدا ٿيندڙ آڪسيجن مان ٻوٽا ۽ جانور ساھہ کڻندا آهن. الجي روشنائي ترڪيب وسيلي صرف پاڻ لاءِ خوراڪ پيدا ڪندا آهن. پر انهيءَ ماحول ۾ رهندڙ جانورن لاءِ کاڌي جو وڏو ذريعو آهي. اهڙي طرح هي پاڻي جي غذائي زنجير ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو.


لفظ الجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو