الحاج سيد پير الهيار شاھہ

الحاج سيد پير الهيار شاھہ: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاھہ هاشمي ولد سيد پير نور شاھہ جي ولادت 9 ذوالحج 1303ھہ/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي. گهر جي مذهبي ماحول جي ڪري ننڍپڻ ۾ ئي قرآن شريف کيس حفظ ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. پير صاحب بردبار طبيعت جو مالڪ هو. حيثيت ۽ رتبي هئڻ جي باوجود ان وقت جي ٻين گهڻن پيرن وانگر سياسي رتبا ۽ رڪنيت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪيائين. سندن لاڙو ثقافتي ڪمن ڏانهن گهڻو هو. هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ شريڪ ٿي پهلوانن ۽ راڳيندڙن جي همت افزائي ڪندو هو. پير صاحب جي. ايم سيد سان گڏجي 1924ع مٽياري ساداتن جي تنظيم جو بنياد وڌو.
پير الهيار شاھہ 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي.


لفظ الحاج سيد پير الهيار شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1303.00.00  هجري

الحاج سيد پير الهيار شاهه: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303هه/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي .


1886.00.00  عيسوي

الحاج سيد پير الهيار شاهه: الحاج حافظ سيد پير الهيار شاهه هاشمي ولد سيد پير نور شاهه جي ولادت 9 ذوالحج 1303هه/ 8 سيپٽمبر 1886ع تي ٿي .


1947.02.13  عيسوي

پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي . سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .


0000.04.21  هجري

پير الهيار شاهه 13 فيبروري 1947ع تي وفات ڪئي . سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد فيض ﷲ شاھہ جيلاني
عبدالرحمان شھيد
مخدوم محمد صادق ٺٽوي
سيد بدرالدجىٰ شاھہ راشدي
عبدالله قاضي
علي محمد ڪاڪيپوٽو
اي ٽي شھاڻي
حافظ محمد اسماعيل کڏي وارو
شيخ عبدالمجيد الامجد
حسين بن دلدار علي علامہ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون