
ناميارو تعليمدان الحاج غلام مصطفيٰ شاهه
الحاج غلام مصطفيٰ شاھہ: سنڌ جي نامياري تعليم دان، عالم، تاريخدان، ايڊيٽر ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جو جنم 1-اپريل 1918ع تي ٿيو. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي، مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ، ڪنگز ڪاليج انگلنڊ ۽ ايسٽر ڪاليج آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪئي. اعليٰ تعليم جي حاصلات کان پوءِ درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپجي ويو. لاڳيتو 14 سال سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال رهيو. 10 سالن تائين پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ ڊائريڪٽر تعليم رهيو. 5 سالن تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ 1973ع ۾ ’سنڌ ڪوار ٽرلي‘ جي نالي سان هڪ اعليٰ پايي جو انگريزي تحقيقي رسالو جاري ڪيو. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ۽ پبلشر رهيو. شاھہ صاحب، قائداعظم اسٽيٽ جو ٽرسٽي پڻ رهيو. سنڌ مدرسي بورڊ جو سڄي حياتي ميمبر رهيو. ۽ ان جو 10 سالن تائين صدر بہ رهيو. پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو 10 سالن تائين نئشنل ڪمشنر رهيو. انٽر يونيورسٽي بورڊ پاڪستان جو 12 سالن تائين ميمبر رهيو. 1988ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم مقرر ٿيو. شھيد ذوالفقار ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي ڪراچيءَ جو وائيس چيئرمئن ۽ سيڪريٽري بورڊ آف گورنرز رهيو. شاھہ صاحب انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا. هن هڪ اهم ڪتاب ’انڊس فيلڊس ائنڊ ڪرپشنس ان پاڪستان‘ نالي اڪيڊمي آف ليٽرس يونيورسٽي آف انگلينڊ لاءِ شريڪ ايڊيٽر طور مرتب ڪيو. سنڌ سرونٽس سوسائٽيءَ جو صدر ۽ شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. شاھہ صاحب کي تعليم، تدريس ۽ تصنيف سان گڏوگڏ کيتي ٻاڙي ۽ وڻڪاريءَ جو بہ شوق هو. سندس اهم مشغلو قيمتي لڪڻ گڏ ڪرڻ هو. هن 67 ملڪن جو سير ۽ سفر ڪيو ۽ هر ملڪ مان بھترين لڪڻ گڏ ڪيائين، جن جو تعداد 250 کان بہ مٿي ٿيندو. شاھہ صاحب استاد، ڪتاب، سنڌي سماج ۽ عورتن بابت ننڍڙا ڪتابڙا ڇپرايا. سندس انگريزي ڪتابن ۾ ’انگريز هندستان ۾‘، ’انگريزن جو ورثو‘، ’هڪ پرنسپال جون يادون‘، ’سنڌ جا مسلمان‘ مشھور آهن. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ”ٻہ ڪتاب“ مشھور آهن، جنهن ۾ هن ۽ سندس گهرواريءَ، عزيزه بيگم، مرحوم محمد اسماعيل عرساڻيءَ جا ٻہ ڪتاب ’سنڌي سٻاجهڙا‘ ۽ ’بدنصيب ٿري‘ گڏي ڇپايا. شاھہ صاحب جون علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتون سنڌ ڪڏهن بہ وساري نہ سگهندي. شاھہ صاحب 1988ع ۾ محترمہ شھيد بينظير ڀٽو رحه جي دور حڪومت ۾ وفاقي وزير تعليم بہ رهيو. هن جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي عمارتن ۽ سنڌالاجيءَ جي خوبصورت بلڊنگ جي اڏاوت ۾ وڏو هٿ آهي. هن سنڌ بابت مختلف موضوعن تي يادگار ڪانفرنسون ڪرايون. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ڪراچيءَ مان سنڌ ڪوارٽرلي انگريزي ماهوار رسالو پڻ جاري ڪيو هو. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي وفات 9 آڪٽوبر 1999ع تي ٿي.
1918.00.00 عيسوي
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 1918ع ڌاري ٿيو
1999.10.09 عيسوي
غلام مصطفيٰ شاهه جي وفات 9 آڪٽوبر1999ع تي ٿي.