الحزب الاعظم (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي دعائن ۽ دلائل الخيرات جو مجموعو آهي. جنهن جو سنڌي ترجمو علامہ مفتي محمد رحيم سڪندري ڪيو آهي. هي ڪتاب ملا علي قاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ پير سائين پاڳاري شاھہ مردان شاھہ (ثانيءَ) جي دستخط سان دعائيه ڪلما، دعا جي حقيقت ۽ فضيلت تي لکيل ڊاڪٽر مسعود احمد جو مقدمو بہ شامل آهي. هن ڪتاب جو هي چوٿون ڇاپو 1431ھہ/2010ع ۾ قاضي عبدالقدوس راڄڙ ڇپايو آهي. ڊيمي سائيز، چار رنگي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد جي هن ڪتاب جي ڪا بہ قيمت نہ رکي وئي آهي.