الحقاف
الحقاف (سورة ):هيءَ قرآن مجيد جي مڪي سورة آهي. هن سورة ۾ آسماني ڪتابن، والدين جي حقن، رڻ پٽن ۽ ريگستانن ۾ حضرت هود عليہ السلام جي تبليغ، خدا پرستيءَ کان انڪار تي سندس امت تي خطرناڪ طوفان جي اچڻ ۽ ان قوم ۽ سندن شهرن جي تباھہ ٿيڻ جي قصن ۽ پيغمبر صلي ﷲ عليہ وآله وسلم کي صبر جي هدايت جو ذڪر آهي.