الحقيقت

الحقيقت (اخبار ):الحقيقت هفتيوار اخبار ميان غلام سرور ”فقير“ قادري 1922ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ڪئي، هيءَ هڪ سياسي اخبار هئي، پر هن اخبار مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ادب خاص طور سنڌي غزليه شاعريءَ کي ترقي وٺرائي. هن اخبار جي جاري ٿيڻ تي اديبن ۽ شاعرن کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڪن عالمن، اديبن ۽ شاعرن فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ ان جي جاري ٿيڻ تي قطع تاريخون چيون. هيءَ اخبار هر ڇنڇر تي ”قادريه پريس“ لاڙڪاڻي مان ڇپجندي هئي. هن اخبار ۾ ’مراسلا‘، ’ملاحظات‘، ’رفتار زمانه‘ ۽ ’اوراق پارينه‘ مستقل ڪالم هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ”قلندري ڏنڊو“ ۽ ”فلمي دنيا“ وغيرہ عنوانن هيٺ بہ دلچسپ مواد شايع ٿيندو هو. اخبار جي پهرئين صفحي تي اهم خبرن سان گڏ گهڻو ڪري ڪنهن شاعر جو چونڊ ڪلام ڏنو ويندو هو. اندرين صفحن ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي ڪارروائي ۽ شاعريءَ جو انتخاب ۽ ايندڙ مشاعري جي طرح ڏنل هوندي هئي. هن اخبار ۾ سياسي ۽ مقامي خبرن کان علاوہ مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جون ڪارروايون باقاعدگيءَ سان شايع ٿينديون رهنديون هيون، ان کان سواءِ وقت بوقت ان دؤر جي شاعرن جو ڪلام بہ شايع ٿيندو رهندو هو. مشھور شاعر فقير هدايت علي تارڪ جا غزل بہ اڪثر هن اخبار ۾ شايع ٿيندا هئا. نياز محمد شيخ پنھنجي هڪ مقالي ۾ ”الحقيقتاخبار بابت لکي ٿو تہ: ”اخبار جو ايڊيٽر ميان غلام عباس ’جوش‘ هو، پر اخبار جي ڪم ۾ ميان غلام سرور سندس مددگار هوندو هو. ميان غلام سرور جي ڪلام جي رواني غضب جي هوندي هئي.


لفظ الحقيقتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو