الخلول

الخلول: هن ساز جو اصل وطن يمن آهي. اتان جا هاري ۽ تهاما Tihama لوڪ هي ساز گهڻو وڄائين. هي نڙ سان مشابهت آهي. هڪ ميٽر ڊيگهہ وارو ڦوڪ جو ساز آهي. فقط ٻہ سوراخ، سي بہ پڇاڙي ۾ ٿين. چيو وڃي ٿو تہ هي ساز اٽڪل 3000 سال اڳ حضرت دائود عليہ السلام پيغمبر بہ استعمال ڪيو. هن ساز جي سنگت ڪري ڪيترائي ناچ اسريا آهن. سڄي سڄي رات جي تفريحي محفلن ۾ هي ساز وڄائبو آهي. ٿلهي ۽ غمگين صدا وارو هي ساز شعر کان الڳ نٿو ڪري. هي بہ نڙ وانگر ساز آهي، جنهن تي شعر ڏنا وڃن ٿا. هن تي ماضي جا داستان ۽ يادگيريون، تاريخ جو احساس گهڻو اڀري ٿو. تهامي ماڻهو ڪوشش ڪري هن مان هڪ آواز ڪڍن ٿا، جنهن مان هو محسوس ڪندا آهن، جو ڄڻ دائود اچاري ٿو (نڙ). اتان جا جت پنھنجي سفر دوران گڏ کڻن. هنن ماڻهن جو خيال آهي تہ اٺ جو ناچ هن ساز جي آواز تي اسريو. ساز پيڙهين جي حوالي سان هلندو پيو اچي. هي ساز پنھنجي جوڙجڪ سبب اڄ بہ نمايان حيثيت رکي ٿو. ٻن سوراخن جي وچ ۾ اٽڪل 15 کان 20 س. م وٿي آهي. چوٽي کليل ۽ پڇاڙي بند اٿس. هن مان ڪو سرگم ڪو نہ نڪري. هن ۾ ساھہ يڪو هلي، ان ڪري سگهارا ڦڦڙ گهرجن. هن ۾ صرف هڪ آڱر استعمال ٿئي. هن جي اڻپورائي ۽ اوکاڻ جي ڪري اتي نيون بانسريون عام ٿيڻ لڳيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو