
مشهور ڪيميادان الرازي
الرازي: الرازي مشھور طبيب، ڪيميادان، فلسفي ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو ابوبڪر محمد ابن ذڪريا الرازي هو. هو 250ھہ/ 864ع ۾ ايران جي شھر ”ري“ ۾ ڄائو. رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين. وڏيءَ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ طب ڏانهن لاڙو رکيائين. ”ري“ جي حاڪم جي ملازمت ۾ آيو ۽ پوءِ انهيءَ شھر جي نئين وڏي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو بغداد ۾ بہ ساڳئي عهدي تي رهيو. پنھنجي دؤر جو سڀني کان وڏو طبيب هئڻ سبب سندس شھرت مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ پکڙجي ويئي، پر بادشاهن جي مزاج ۽ غيريقيني سياسي صورتحال سبب الرازي ڪٿي بہ مستقل طور نہ ويهي سگهيو. ڪئين ڀيرا پنھنجي وطن آيو. آخر اتي ئي 313ھہ/925ع ۾ وفات ڪيائين.
الرازي پنھنجي دؤر جو وڏو طبيب هو. هن مختلف مرضن تي ڪيترائي رسالا لکيا آهن. ان کان سواءِ طب جي فن بابت جيڪي ڪتاب هن لکيا آهن، اهي نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. انهن مان ڪيترن جو لاطيني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”الحاوي“ کي تہ طب جي انسائيڪلوپيڊيا چيو ويندو آهي. الرازي انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ 15 سال لڳايا. طب کان سواءِ هن ڪيميا، طبعيات، مابعد طبعيات، سائنس ۽ فلسفي تي بہ ڪئين ڪتاب لکيا. بلاشڪ هو اسلامي دنيا جو تمام وڏو طبيب ۽ فيلسوف هو .
0864.00.00 عيسوي
الرازي 864ع ۾ ايران جي شهر ” ري “ ۾ ڄائو