الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي

الطاف احمد صديقي: ليکڪ ۽ محقق الطاف احمد صديقي 22 جولاءِ 1958ع تي ٺٽي شھر ۾ محمد سليمان صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪرڻ بعد ڪوٽڙيءَ لڏي آيو. هن ايم. اي (معاشيات)، ايم. اي (سماجيات) ۽ MBA جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيون. اُن کان علاوہ هن بئنڪنگ جي شعبي ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. پيشي جي لحاظ کان هڪ بئنڪر طور نئشنل بئنڪ مان اَسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ملڪي معيشت جي موضوع تي سندس ڪالم مختلف اَخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. تحقيق تي مشتمل سندس ڪتاب ’ڪوٽڙيءَ جي ڪھاڻي‘ (2023ع) ڇپجي چُڪو آهي. سياحت جي شوق ۾ برطانيه، فرانس، جرمني، ھالينڊ، بيلجم، سعودي عرب، عراق، ايران، متحدہ عرب رياستون، ٿائيلنڊ، مليشيا، سريلنڪا ۽ ھندستان گهمي چُڪو آهي.


لفظ الطاف احمد صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.07.22  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق الطاف احمد صديقي 22 جولاءِ 1958ع تي ٺٽي شھر ۾ محمد سليمان صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان سامٽيو
سائينداد ڪلمتي
ديبلي ابو عبدالله محمد بن عبدالله
پير ڪامل قريشي
شالمين شيدي
حڪيم محمد صديق مورائي
سندري اتمچنداڻي
الرازي
چغتائي خان
دائود بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون