اَلطاف حسين سمون

اَلطاف حسين سمون

الطاف حسين سمون

الطاف حسين سمون: مشھور راڳي الطاف حسين ولد ارباب علي سمون پھرين جنوري 1971ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم کانپوءِ هن ڳائڻ جي شروعات 1985ع ۾ هڪ اِسٽيج آرٽسٽ طور ڪئي. استاد نواب علي شيخ ۽ محمد بخش ماڇيءَ کان راڳ جي سِکيا ورتائين. کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور تي پروڊيوسر جھانگير قريشيءَ متعارف ڪرايو، جنھن کانپوءِ سنڌ جي مختلف ريڊيو اِسٽيشنن تي سندس آواز ۾ 50 کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ٿيا. هن کي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي پروڊيوسر قربان چنا متعارف ڪرايو. سندس خاندان پوءِ لاڙڪاڻي شھر ۾ منتقل ٿيو، جتي هن هڪ سنگيت سکيا گهر جو بُنياد پڻ رکيو. هن جي آواز ۾ ڪيترائي آڊيو ۽ وڊيو اَلبم جاري ٿيا. سندس آواز ۾ ڳايل مشتاق بُخاريءَ جو غزل ”هاءِ ڪيڏو پري ويو آهين.“ ڪشش ٽي. ويءَ تي ڪافي مقبول ٿيو. هن احمد مغل، نظير سمي، غلام علي سمي، عاشق نظاماڻيءَ، سليم رضا ڪنڀر، ماسٽر فتح علي ۽ ٻين فنڪارن جي ڳايل ڪيترن گيتن جون ڌنون ڪمپوز ڪيون. اَلطاف سمون ’آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان‘ لاڙڪاڻي جي ميوزڪ اِسڪول ۾ ڪيترن سالن تائين موسيقيءَ جا ڪلاس بہ وٺندو رهيو. راڳيءَ سان گڏ هڪ نوحہ خوان طور هن ڪيترن ئي نوحن جون ڌنون بہ ڪمپوز ڪيون. هن 10 آگسٽ 2025ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.01  عيسوي

مشھور راڳي الطاف حسين، ولد ارباب علي سمون پھرين جنوري 1971ع تي شھدادڪوٽ شھر ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چاندي فقير ڀيل
رمضان علي خان
سچل فقير جتوئي
مختيار شيدي
عالمگير
استاد منظور علي خان
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
بالي اقبال
صوفي آزاد فقير
شاهاڻي منصور فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون