الطاف عباسي

الطاف عباسي

الطاف عباسي

الطاف عباسي: سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ، الطاف عباسي پنھنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سڄو نالو الطاف نبي ولد گل محمد عباسي هو ۽ 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 1958ع ۾ نواب شاھہ مان مئٽرڪ ڪيائين. سٺي گهراڻي مان هجڻ جي باوجود، ميٽرڪ بعد هڪدم پنھنجي پيرن تي بيٺو ۽ خزاني آفيس نواب شاھہ ۾ ڪلارڪ ٿيو. بعد ۾ 1961ع کان 1965ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول نواب شاھہ ۾ ماستر ٿيو. ان وچ ۾ پڙهائي بہ جاري رکيائين. 1962ع ۾ بي. اي (فرسٽ ڪلاس) ۽ 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1964ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1967ع تائين وڪالت ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1968ع ۾ پي. سي. ايس پاس ڪري آبڪاري کاتي ۾ گهڙيو ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو 6 فيبروري 1978ع تي نواب شاھہ کان حيدرآباد ايندي مياڻي ٻيلي وٽ روڊ حادثي ۾ شھيد ٿيو.
الطاف عباسي نوجوان ۽ نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو، سندس شعر پهريون ڀيرو 1958ع ۾ نواب شاھہ جي ”آئينہ“ رسالي ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ سڀني مکيہ رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ وغيرہ ۾ ڇپبو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي تحريڪ جو روح روان، دوستن جي محفلن جو سينگار، ۽ شعرن ۾ ڪيترن نون تجربن جو بنياد وجهڻ وارو هو. هن ٿوري عمر ۾ جيڪو ادبي ورثو ڇڏيو آهي، اهو سندس نالي کي ادبي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جا ڪيترا ٻاراڻا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل هئا. سندس ايم. اي جو مونوگراف ’سنڌي قومي شاعريءَ‘ بابت هو، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي.


لفظ الطاف عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.07.15  عيسوي

الطاف عباسي 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو


1978.02.06  عيسوي

6 فيبروري 1978ع تي هڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھورايو اُداسي بھڻ
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
چتر ڀڄ
فقير قربان لنجواڻي آزاد
غلام حسين مير چانڊيو
اقبال بلوچ
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
احمد فراز
امير بخاري
آري فقير چانڊيو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون